حاجي شفيع محمد مسجدي

حـاجـي شفيـع محمد ’مسجدي‘: سنڌ جو ناميارو عالم ۽ شاعر مولانا شفيع محمد ولد ولي محمد مسجدي سوڍر، ڳوٺ سوڍاري جو رهاڪو هو. هن فارسيءَ جي تعليم اشرف سوڍر جي ڳوٺ مان مولانا غلام نبي، غلام رسول ۽ غلام محمد کان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ ميهڙ جي حافظ عبدالله نابينا وٽ صرف نحو، مولانا محمد پريل آگري وٽ منطق، فقھه ۽ نحو پڙهيو. وڌيڪ تـعـليـم جي تڪميـل مـولانا ميـر محمـد ذورنگـيءَ وٽان ڪـري دستاربندي ڪيائين. فارغ التحصيل ٿيڻ کانپوءِ هن پنهنجي ڳوٺ ۾ مدرسو کوليو، جنهن ۾ پاڻ درس ۽ تدريس سان لاڳاپيل رهيو. هيءُ درس ۽ تدريس سان گڏ تحرير ۽ فتويٰ نويسيءَ جو ڪم به ڪندو هو. پاڻ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ شعر چوندو هو. سندس مدرسي مان جيڪي عالم وٽانئس دستاربند ٿيا، تن ۾: مولانا حاجي الاهي بخش، مولانا محمد عالم سومرو، مولانا الاهي بخش بروهي، مولانا عبدالرحمان تيوڻو، مولوي غلام حسين، مولانا عبدالواحد مگسي، مولوي محمد محسن تيوڻو ۽ مولانا نظام الدين مرزائي بلوچ قابل ذڪر آهن.
هن 13 رمضان 1364هه/ 22 آگسٽ 1945ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو